شاهه حسين تڪدري

شاهه حسين تڪدري: هيءَ سنڌ جي ٻئي ارغون حاڪم مرزا شاهه حسن بيگ ارغون جي خاص اميرن مان هو. جڏهن شاهه حسن ارغون ڪڇ جي حاڪم راءِ کنگھار تي ڪاهه ڪئي ته فوج کي چئن دستن ۾ مقرر ڪيائين، هڪ دستي ۾ شاهه حسين تڪدري، ٻئي جو سلطان محمود ڪوڪلتاش، ٽئين جو مرزا عيسى بيگ ترخان ۽ چوٿين جو سپهه سالار مير فرخ کي مقرر ڪيائين. انهيءَ جنگ ۾ شاهه حسن ارغون کي فتح حاصل ٿي. شاهه حسين تڪدري جنگي فن جو ماهر هو ۽ وڙهڻ وقت دشمن کي وار ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏيندو هو. سندس انهيءَ خوبيءَ سبب شاهه حسن ارغون کيس پنهنجو خاص مقرب امير مقرر ڪيو. جنگي فن کانسواءِ هو بهترين عالم، فاضل ۽ تاريخدان هو. مير معصوم ‘تاريخ معصومي ’ ۽ مير قانع ‘تحفة الڪرام’ ۾ ‘روضة السلاطين’ ڪتاب هن ڏي منسوب ڪيو آهي، جو درست ڪونهي. حقيقت ۾ تذڪره ‘روضة السلاطين’ فخري هروي لکي تيار ڪيو. هي تذڪرو سيد حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾ شايع ڪيو آهي.


لفظ شاهه حسين تڪدريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو